عبدالله چنا

عبدالله چنا

عبدالله چنا خانصاحب

عبدالله چنا، خانصاحب: مشهور سنڌ دوست ڪامورو، عبدالله چنا، 23 مئي 1902ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين، جنهن بعد نوشهري فيروز مدرسي ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو. هوشيار ۽ ذهين هجڻ سبب سندس اڌ في معاف ڪئي وئي. انگريزيءَ جا چار درجا پڙهي، 1918ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آيو، جتان 1921ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1921ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. جتان 1925ع ۾ بي. اي ڪيائين ۽ 1927ع ۾ مختيارڪار ٿيو. بعد ۾ روينيو کاتي، نوابشاهه ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختيارڪار ٿيو. 1938ع ۾ جڏهن پير الاهي بخش روينيو جو وزير هو، ته عبدالله چنا، سندس پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ 1939ع ۾ سنڌ جي وزيراعظم (Prime Minister) مير بنده علي خان جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو. 1942ع ۾ عبدالله چنا، لاهور ۾ سول ڊفينس ڪاليج ۾ هوائي جهازن جي بچاءَ جو آفيسر اول مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ هوائي جهازن جو آفيسر ٿي رهيو. 1945ع ۾ کيس ڪورٽ آف وارڊس جو اسسٽنٽ مئنيجر بنايو ويو. عبدالله چني، 1948ع ۾ سنڌ لا ڪاليج جو بنياد وڌو. جنهن ۾ روينيو جا قانون پڙهائيندو هو. ڪيترا سال ڪاليج جي بورڊ جو چيئرمئن پڻ رهيو. 1955ع ۾ جيڪب آباد جو ڪليڪٽر رهيو. ان بعد سيڪريٽريٽ ۾ روينيو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري، تعليم کاتي جو سيڪريٽري رهيو. ان کان سواءِ ڪجهه عرصي لاءِ لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ صحت کاتي ۾ به رهيو. 1956ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ۽ 1957ع ۾ خيرپور جو ڪليڪٽر رهيو. 16 آگسٽ 1957ع تي رٽائر ڪيائين. ان کان پوءِ عبدالله چنا کي 1960ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. جنهن دوران راڻي باغ ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ جانور رکرايائين. عبدالله چنا، حيدرآباد ۾ گدوءَ ويجهو هڪ هاءِ اسڪول تعمير ڪرايائين ۽ نياز اسٽيڊيم جو بنياد وڌائين. حيدرآباد جو اوپن ايئر ٿيٽر به عبدالله چنا جي محنتن جو نتيجو آهي. 1962ع ۾ ميونسپالٽيءَ جي عهدي تان استعيفا ڏنائين، جنهن بعد 1963ع ۽ 1964ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو اعزازي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. جڏهن مارچ ۽ اپريل 1965ع ۾ هندستان سان پاڪستان جي رڻ ڪڇ جي مسئلي تي جنگ ٿي ته هندستان ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڇاڇري جي ڪجهه تپن تي قبضو ڪري ويو. پاڪستان جي اعتراض تي ان مسئلي جي حل لاءِ جنيوا ٽربيونل قائم ٿيو، جنهن جو صدر سوئيڊن جو چيف جسٽس هو. هندستان يوگوسلاويه جي هڪ رڪن نصرالله انتظام کي پنهنجو مشير مقرر ڪيو. ٻنهي ڌرين پنهنجا ڪيس تيار ڪيا، جنيوا ۾ ڪارروائي ٿي. پاڪستان طرفان خانصاحب عبدالله چنا ڪيس جا ڪاغذ تيار ڪيا ۽ مدد لاءِ پاڪستان حڪومت کان قانوندان گهُريا. منظور قادر حڪومت طرفان مقرر ٿيو، جنهن پنهنجي مدد لاءِ هڪ اسسٽنٽ منتخب ڪيو. اُن تي عبدالله چنا سرڪار کي لکيو ته هن جي خواهش آهي ته ڪنهن اهڙي قانوندان کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي مڪمل ڄاڻ رکندو هجي ته جيئن جتي به حوالن جي ضرورت پوي ته اهي حوالا ڏنا وڃن. اُن ڏس ۾ عبدالله چنا مشهور قانوندان منظور قادر جي مسلسل مدد ڪئي. اُن ۾ هن نامور استاد ۽ تاريخدان رائچند راٺوڙ جي ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ ۾ موجود معلومات ڪم آندي. ڇهه مهينا ڪيس هليو. ججن فيصلي لکڻ ۾ اٺ مهينا لڳايا ۽ 1000 صفحن تي فيصلو لکيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته رڻ ڪڇ سرسبز علائقو، جيڪو سنڌ سان گڏوگڏ هلي ٿو، اهو پاڪستان جو آهي. هن ڪيس کي کٽڻ ۾ عبدالله چنا جو ڪردار تاريخ وساري نه سگهندي. 1974ع ۾ سرڪار کيس فيڊرل لئنڊ ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو. 1979ع ۾ عبدالله چنا کي لوڪل گورنمينٽ جي قانون ٺاهڻ لاءِ ڪميشن جو ميمبر ٿيڻ جي آڇ ٿي، پر هن اُها آڇ قبول نه ڪئي. هن 23 جنوري 1989ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه قاسم آباد، فيز-I جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.05.23  عيسوي

عبدالله چنا، 23 مئي 1902ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1989.01.23  عيسوي

عبدالله چني 23 جنوري 1989ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه قاسم آباد، فيز-I جي قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيجواڻي ڪمار
ذوالفقار شاهه
اليعقوبي
بيبي راستي
ايبڪ
ميرعبدالرزاق بکري
ڌناڻي محمد رفيق
عبدالغني قمبراڻي
ابڙو طارق عالم
بلاول بيلجم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون